اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ايسٽر جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي.سڄي دنيا ۾ عيسائي اڄ ايسٽر جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، پوپ فرانسس ويٽيڪن سٽي ۾ دعا ۽ موم بتيون روشن ڪرڻ سان گڏ شروع ٿيون پاڪستان ۾ به گرجا گهرن ۾ ايسٽر جون تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.لاهور جي ڪيٿڊرل چرچ مال روڊ ۾ دعائيه تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پادري اليگزينڊر جان ملڪ ۽ عيسائي برادري جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.










