واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته هو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان مضبوط ڀائيواري چاهي ٿو.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪي ۽ پاڪستاني آفيسرن جون ملاقاتون باقاعده ٿينديون رهنديون آهن، اهڙيون ملاقاتون معياري عمل آهي، پاڪستاني سفير جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ملاقات بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهان.هن چيو ته پاڪستان جهڙا تمام ٿورا ملڪ آهن جيڪي دهشتگردي کان متاثر ٿيا آهن، دهشتگردي جو مقابلو اسان جي گڏيل مفادن جو حصو آهي، تحريڪ طالبان جهڙيون تنظيمون خطي لاءِ خطرو آهن.ترجمان چيو ته هو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان مضبوط ڀائيواري چاهين ٿا، عالمي ۽ علائقائي دهشتگرد تنظيمن خلاف پاڪستان جي ڪارروائي جي اميد آهي.










