پاڪستان خلاف ويسٽ انڊيز وومن ٽيم جو ڪلين سوئيپ

پاڪستان خلاف ويسٽ انڊيز وومن ٽيم جو ڪلين سوئيپ

ڪراچي(ويب ديسڪ) ويسٽ انڊيز جي عورتن واري ڪرڪٽ ٽيم ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ پاڪستان خلاف سيريز ڪلين سوئيپ ڪري ورتي. نارٿ سائونڊ شهر ۾ کيڏيل آخري ميچ ۾ به پاڪستاني رانديگرياڻيون پر اعتماد بيٽنگ نه ڪري سگهيون 20 اوورز ۾ 102 رنز اسڪور ڪري سگهيون. مبينا علي 18، ندا ڊار 17 ۽ عاليا رياض 29 رنز ڄاهي نمايان رهيون. ويسٽ انڊيز جي استيفني ٽيلر آخري اوور ۾ هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪندي ميچ ۾ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. هن سيريز ۾ پاڪستاني بالر ندا ڊار 100 وڪيٽون حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت بالر بڻجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو