پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ آسٽريلوي ڪپتان جي شرڪت شڪي

پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ آسٽريلوي ڪپتان جي شرڪت شڪي

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مچل مارش جي پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ شرڪت شڪي آهي، ۽ جوش انگلز جي سندس جاءِ تي ٽيم جي اڳواڻي ڪرڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پهريون ون ڊي 30 مئي تي راولپنڊي ۾ شيڊول آهي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، مچل مارش کي آءِ پي ايل دوران ٽِڪي جي زخم ۽ ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيو، جڏهن ته پيٽ ڪمنز ۽ ٽريوس هيڊ آءِ پي ايل ۾ مصروف آهن، جنهن ڪري جوش انگلز کي ڪپتاني لاءِ اميدوار بڻايو ويو آهي.
مچل مارش جي غير موجودگي ۾ اولپڪ جو بين الاقوامي ڊيبيو به ممڪن آهي

پهنجو تبصرو موڪليو