پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي منظور

پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪابينا ملڪ جي پهرين ميوزڪ پاليسي جي منظوري ڏني.ذريعن موجب نئين ميوزڪ پاليسي ۾ پائريسي، ڪاپي رائيٽ سميت ٻيا مسئلا حل ٿيندا ۽ صارفين ۽ لائسنس جا مسئلا به حل ٿي ويندا، جنهن سان ميوزڪ انڊسٽري کي فروغ ملندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ميوزڪ پاليسي موجب اجارداري جو خاتمو هوندو ۽ ميوزڪ ورڪرن جي بنيادي قانوني حقن جو تحفظ ڪيو ويندو، ميوزڪ اسٽيڪ هولڊرز کي درپيش مسئلن ۽ مطالبن سميت ڪاپي رائيٽ، ميوزڪ پروڊڪشن، گلوڪارن، ليکڪن، گيت ٺاهيندڙن کي درپيش مسئلا ۽ مطالبا پورا ڪيا ويندا. انهن جي قانوني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.ذريعن موجب ميوزڪ پاليسي پاڙيسري ملڪن ۾ رائج قانونن ۽ عالمي معيارن موجب تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پراڻي موسيقي، مقامي ۽ لوڪ موسيقي کي بچائڻ لاءِ خاص اپاءَ ورتا ويا آهن، علائقائي ٻولين ۾ موسيقي پڻ پاليسي جو حصو آهي.ذريعن موجب 1970ع کان وٺي موسيقي جي شعبي ۾ پاليسي سطح تي ڪابه تبديلي نه آئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين پاليسي تحت پبلڪ پرفارمنس، پروڊڪشن، ڊسٽري بيوشن، ايڊاپٽيشن، مدو، مڪينيڪل، ڪميونيڪيشن رائٽس کي قانوني ڍانچي ۾ آندو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو