واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي بيان جي آجيان ڪئي آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان جيلينا پورٽر چيو آهي ته آمريڪا بار بار چئي چڪو آهي ته عمران خان جي الزامن جو ڪو به بنياد ناهي. جيلينا پورٽر جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان سان ڊگهي تعاون کي اهميت ڏئي ٿو ۽ هڪ مضبوط، خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان آمريڪي مفادن لاءِ اهم آهي.










