پاڪستان جو دورو ، نيوزيلينڊ ٽيم جو شيڊيول تبديل

پاڪستان جو دورو ، نيوزيلينڊ ٽيم جو شيڊيول تبديل

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان دوري جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جا بورڊ تبديلي تي راضي ٿي ويا، دوري ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ 5 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.نيوزيلينڊ جي ٽيم هاڻي پهرين لاهور پهچندي، پوءِ ميچ ڪراچي ۽ آخر ۾ راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.ان کان اڳ جاري ڪيل شيڊول موجب سيريز جي شروعات ڪراچي ۽ پوءِ لاهور ۽ ان جي پڄاڻي راولپنڊي ۾ ٿيڻي هئي.ٽي ٽوئنٽي ميچز 14، 15 ۽ 17 اپريل تي لاهور ۾ کيڏيا ويندا، ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏيا ويندا ۽ پهرين ون ڊي ميچ 26 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.ڪراچي ۾ 4 ون ڊي ميچون 30 اپريل، 3 مئي، 5 مئي ۽ 7 مئي تي کيڏيون وينديون.پي سي بي جو چوڻ آهي ته ون ڊي ميچن سان پاڪستاني ٽيم کي ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جي تياري جو موقعو ملندو ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع لاءِ ٽيم جي ٻيهر تعمير جي عمل ۾ به مدد ملندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ صوبائي چونڊن سبب شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو