اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي رسالي بلومبرگ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڊالر بانڊز جي عالمي مارڪيٽ ۾ واپسي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، پاڪستان جي ڊالر بانڊز جي قيمت ۾ مسلسل واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان جا ڊالر بانڊز هن سال 24.5 سيڪڙو منافعي سان ايشيا ۾ سڀ کان مٿي آهن.عالمي رسالي بلومبرگ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڊالر بانڊز جي عالمي مارڪيٽ ۾ واپسي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.بلومبرگ جي مطابق، پاڪستان هاڻي گذريل 2 سالن جي مقابلي ۾ عالمي قرض مارڪيٽ ۾ واپسي لاءِ تيار آهي. ايس اينڊ پي گلوبل ۽ فِچ ريٽنگز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو، جنهن سيڙپڪارن جي اعتماد کي مضبوط ڪيو.ان کان علاوه، پاڪستان هن سال يوآن بانڊز مارڪيٽ ۽ 2026 ۾ يورو بانڊ مارڪيٽ ۾ واپسي جو به منصوبو ٺاهي رهيو آهي.










