پاڪستان  ڊفالٽ نه ٿيندو:بوستان

پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيندو:بوستان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان فارڪس ايڪسچينج ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ بوستان جو چوڻ آهي ته هر روز چيو پيو وڃي ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿي ويندو، خدا کان ڊڄو، ڊيفالٽ تي اهڙيون گاريون نه ڏيو، پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو ڪو دور نشان ناهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊالر 315 کان 320 رپين جي وچ ۾ هليو ويو، ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائيگين ۾ 10 کان 15 ملين ڊالر روزانه هئا.ملڪ بوستان جو چوڻ هو ته اسان وٽ 5 کان 7 ملين ڊالرن جي سپلائي آهي، مارڪيٽ ۾ ايترو مقدار نه هو، جڏهن ڊالر جي طلب ايندي هئي ته اگهه وڌي ويندا هئا.هن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي آگاهه ڪرڻ کانپوءِ ته بئنڪ ڪريڊٽ ڪارڊ هولڊرز کان ڊالر خريد ڪري رهيا آهن، ناڻي واري وزير هدايت ڪئي ته ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائيگي بئنڪ ريٽ تي ڪئي وڃي.چيئرمين پاڪستان فارڪس ايڪسچينج ايسوسيئيشن چيو آهي ته حج جون اڏامون آهن، حاجين لاءِ ڊالرن جي گهرج آهي، حج پروازون پوريون ٿي وينديون، عيد تي اوورسيز پاڪستاني ايندا، ڊالر جو ريٽ گهٽ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو