ڍاڪا: (ويب ڊيسڪ) ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز جي آخري ۽ فيصلي واري ميچ ۾، بنگلاديش پاڪستان کي فتح لاءِ 291 رنسن جو هدف ڏنو.ميزبان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 290 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش جي اوپنر تنزيد حسن 107 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته لٽن داس 41، سيف حسن 36 ۽ نجم الحسن شانتو 27 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته توحيد هردوي 44 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.پاڪستان پاران حارث رئوف 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ ابرار احمد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ميرپور ۾ ٿيندڙ هن ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.ڪپتان شاهين آفريدي موجب، ٽيم جا ٻه رانديگر، شميل حسين ۽ حسين طلعت، زخمي آهن. غازي غوري ۽ سعد مسعود پاڪستان لاءِ پنهنجو ڊيبيو ڪري رهيا آهن. سعد مسعود کي حارث رئوف ۽ غازي غوري کي محمد رضوان ڊيبيو تي ڪيپ ڪيو.










