پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتن ۾ هڙتال جاري

پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتن ۾ هڙتال جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي ملڪ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي ٻڌڻي جي موقعي تي سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ ڪالهه رات بار ڪائونسل هڙتال جو اعلان ڪيو هو. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع خلاف درخواستون اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 8 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ جي عملي ۽ پروسيجر بل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ جوڙي وئي آهي. درخواستن تي ٻڌڻي هلندڙ آهي.پاڪستان بار ڪائونسل بل جي ٻڌڻي جي موقعي تي سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ سڀاڻي هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين حسن رضا چيو آهي ته هم خيال ججن تي ٻڌل بينچ جوڙي وئي آهي، ڪيس جي ٻڌڻي ۾ سينيئر ججن کي به شامل ڪيو وڃي.هن چيو ته اسان 63 اي جي معاملي تي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ جو چيو پر اها نه ٺهي، 63 اي بابت غلط فيصلو ڪيو ويو، سڀ چئي رهيا آهن ته آئين جي ڪاپي ڪئي وئي.پاڪستان بار ڪائونسل جي ذريعن موجب اهو بل سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلن جو پراڻو مطالبو هو، پارليامينٽ ان بل جي حق ۾ آهي. پاڪستان بار ڪائونسل بل جي حمايت ۾ بيان جاري ڪندي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو