اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پاڪستان جو اقتصادي سروي (اڪنامڪ سروي آف پاڪستان) 26-2025ع وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اقتصادي سروي جي ڪاپي وزيراعظم کي پيش ڪئي. ان کان اڳ گذريل ڏينهن قومي اقتصادي ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته بجٽ جي حوالي سان صوبن سان ڪيتريون ئي هفتا اڳ مشاورت جاري آهي، صوبن سان وڌيڪ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي آهي، جي ڊي پي (GDP) ۾ تيزي آڻڻ لاءِ اهڙا قدم کڻڻا پوندا جنهن سان برآمدات (ایکسپورٽس) وڌن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته معيشت ۾ ميڪرو ليول (macro level) تي بهتري آئي آهي پر اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽيم ورڪ جي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪيا، ملڪي معيشت کي وڏن چئلينجن جو سامھون ڪرڻو پيو، مشڪلاتن جي باوجود ڪوشش ڪئي ته آءِ ايم ايف (IMF) پروگرام تي عمل پيرا رهون، ڪلهه رات آءِ ايم ايف جي ايم ڊي (MD) سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن پاڪستان جي مخلصانه ڪوششن کي ساراهيو.










