پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران مثبت رجحان

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران مثبت رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ ڪاروباري هفتي دوران مثبت رجحان رهيو، 100 انڊيڪس 730 پوائنٽن جي واڌ سان 42074 تي بند ٿي ويو.پي ايس ايڪس ۾ ڪاروباري هفتي دوران انڊيڪس 1270 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو جڏهن ته 100 انڊيڪس جي هفتي جي بلند ترين سطح 42498 هئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي ۾ 532.7 ملين شيئرز جو واپار ٿيو ۽ شيئرز مارڪيٽ جي هفتيوار ڪاروبار جي ماليت 19.29 ارب رپيا رهي.مارڪيٽ سرمائيداري 102 ارب رپين مان وڌي 7044 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو