دبئي(ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم چارٽرڊ جهاز ذريعي دبئي پهچي وئي آهي. ٽيم کي هڪ ڏينهن اڪيلائي ۾ گذارڻو پوندو. ڪپتان بابر اعظم جي سربراهي ۾ 15 رڪني اسڪواڊ ۾ 3 ريزرو رانديگر بشمول شاهنواز ڏاهاڻي شامل آهن. ٽيم مئنيجمينٽ، بولنگ ڪوچ ورنن فلينڊر به گڏ آهي. بيٽنگ ڪوچ ميٿيو هيڊن دبئي ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو. ڪجهه رانديگرن جا گهر ڀاتي به ساڻن گڏ آهن. 17 آڪٽوبر کان يُو اَي اِي ۽ عمان ۾ شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان 24 آڪٽوبر تي پهرين ميچ ڀارت خلاف شام 7 وڳي کيڏندو.










