پاڪستاني ڊرامو ”ميري پاس تم هو“ ڀارت ۾ نشر ڪيو ويندو

پاڪستاني ڊرامو ”ميري پاس تم هو“ ڀارت ۾ نشر ڪيو ويندو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جو مشهور ڊرامو سيريل ”ميري پاس تم هو“ تمام جلد ڀارتي ٽي وي چينل تي نشر ڪيو ويندو.ڀارت ۾ مداح پنهنجن پسنديده پاڪستاني اداڪارن عائزه خان، همايون سعيد ۽ عدنان صديقي کي ڀارتي چينل ”زندگي“ تي ڏسندا.اها خوشخبري ”زندگي“ چينل پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڊرامي سيريل ”ميري پاس تم هو“ جو ٽريلر شيئر ڪندي ڏني آهي.ڀارتي چينل ڊرامي جو ٽريلر شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ’ميري پاس تم هو‘ تمام جلد ڀارتي ٽي وي اسڪرين تي اچي رهيو آهي.ياد رهي ته ڀارتي چينل ’زندگي‘ ان کان اڳ به ڪيترائي پاڪستاني ڊراما نشر ڪري چڪو آهي، جن ۾ مشهور ڊراما سيريل ’عسمان پي لکا‘، ’هم ڪهان ڪي سچا هين‘ ۽ ’قصه مهر بانو ڪا‘ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو