پاڪستاني فلمون نه پر ڊراما ڏسڻ پسند آهن: ماهره خان

پاڪستاني فلمون نه پر ڊراما ڏسڻ پسند آهن: ماهره خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ميزباني کان اداڪاري تائين جو سفر طئي ڪندڙ پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ميزبان ۽ اداڪارا ماهره خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پاڪستاني فلمن کان وڌيڪ ڊراما پسند آهن.پاڪستاني ڊراما حقيقتن ۽ مختصر ڪهاڻين جي ويجهو هجڻ سبب سڄي دنيا ۾ پسند ڪيا ويندا آهن.اداڪاره ماهره خان تازو ئي هڪ خانگي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.ميزبان اداڪاره کان سندس پسنديده فلم بابت پڇيو ۽ چيو ته هوءَ ڪهڙي فلم جي ريميڪ ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.اداڪارا ماهره خان هڪ کانپوءِ هڪ کان پوءِ سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، ميزبان جي سوال جو جواب ڏيندي هن انڪشاف ڪيو ته هوءَ پاڪستاني فلمون نه ڏسندي آهي پر فارغ وقت ۾ پاڪستاني ڊرامن کي ترجيح ڏيندي آهي.هن پنهنجي پسنديده پاڪستاني ڊرامن بابت چيو ته مونکي ڪيترائي پاڪستاني ڊراما پسند آهن جهڙوڪ ڍوپ ڪنار، هڪ ڪهاڻي ۽ داستان پر هڪ ڊرامو اهڙو به آهي جيڪو مونکي تمام گهڻو پسند آهي.ماهرا خان چيو ته عميره احمد جو لکيل ڊرامو سيريل دام مون کي پسند آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته اهو هڪ اهڙو ڊرامو آهي جيڪو هر ڪنهن کي ڏسڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اهي ڊراما ڪڏهن به پراڻا نٿا ٿي سگهن پر انهن کي ’ڪلاسڪ‘ سڏيو وڃي.اداڪاره وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان انڊسٽري ۾ ڪجهه مختلف ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته اسان کي نوجوان ليکڪن، هدايتڪارن ۽ پروڊيوسر کي موقعو ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو