پاڪستاني صحافي کي غلط فهمي سبب پوليس جي ڳولي لڳي: پوليس تصديق

پاڪستاني صحافي کي غلط فهمي سبب پوليس جي ڳولي لڳي: پوليس تصديق

نيروبي(ويب ڊيسڪ)ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته سينيئر پاڪستاني صحافي ارشد شريف کي ڪينيا پوليس غلط فهمي جي بنياد تي گوليون هڻي قتل ڪيو هو.پرڏيهي ميڊيا موجب ارشد شريف کي ڪينيا جي پوليس نيروبي ويجهو ان وقت گوليون هڻي ماريو جڏهن سندس ڊرائيور چيڪ پوسٽ تي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي.ان حوالي سان ڪينيا پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪستاني صحافي پنهنجي ڊرائيور سان ماگدي کان نيروبي وڃي رهيو هو ته پوليس روڊ بلاڪ ڪري چيڪنگ ڪري رهي هئي.ڪينيا جي پوليس آفيسر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ارشد شريف جي پوليس فائرنگ ۾ مارجي وڃڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني صحافي غلط سڃاڻپ سبب قتل ٿيو، ان حوالي سان وڌيڪ معلومات بعد ۾ جاري ڪئي ويندي. پوليس موجب اسان کي اطلاع مليو ته ارشد شريف نالي هڪ ئي ڪار ۾ هڪ ٻارڙي کي يرغمال بڻايو ويو، جنهن کي روڊ بلاڪ ڪري چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، ان دوران پاڪستاني صحافي جي ڊرائيور ڪار کي روڪڻ بدران ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي، پر هنن ڪار کي روڪيو. جن جو تعاقب ڪيو ويو ۽ پوءِ هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو.ڪينيا پوليس هيڊ ڪوارٽر جو چوڻ آهي ته آزاد پوليسنگ اوور سائٽ اٿارٽي معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو