پاڪستاني سياست جو فيصلو پاڪستاني عوام جو آهي؛آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا پاڪستان ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ ايندڙ چونڊن بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان ۾ چونڊن ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ بابت سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني سياست جو فيصلو پاڪستاني عوام جو آهي ته هو پنهنجي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪن. ترجمان چيو ته ٻين ملڪن وانگر پاڪستان به اختيارين تي زور ڏئي ٿو ته هو آئين ۽ قانون موجب عمل ڪن.ترجمان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي پاڪستان سان ڪيترن ئي معاملن تي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو