واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان وائيٽ هائوس جو دورو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي صدر جوبائيڊن سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سفير چيو ته اوول آفيس ۾ صدر جو بائيڊن سان ملاقات اعزاز جي ڳالهه آهي، جنهن پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي مضبوط ڪيو آهي. سفير مسعود خان ان کان اڳ 15 جون تي وائيٽ هائوس ۾ صدر بائيڊن سان ملاقات ڪئي هئي، جيڪا روايت واشنگٽن ۾ نوان مقرر ٿيل سفيرن جي آهي. ڇنڇر تي ٿيل نئين ملاقات بعد مسعود خان جو بائيڊن جو شڪريو به ادا ڪيو.










