واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن پاڪستاني حڪمرانن سان لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ تي زور ڏنو آهي.انتوني بلنڪن 60 کان وڌيڪ آمريڪي قانون سازن جي خط جو جواب ڏنو جنهن ۾ هنن انساني حقن ۽ جمهوريت سان سمجهوتو ڪرڻ کانسواءِ پاڪستاني حڪمرانن سان متوازن ۽ خوشگوار لاڳاپا رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي.آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان رابطي جي اهميت تي به زور ڏنو ۽ رابطي سان گڏ اظهار جي آزادي ۽ سياسي شرڪت تي به اهم خدشن کي اجاگر ڪيو.هن چيو ته هڪ خوشحال جمهوري پاڪستان جيڪو شهري حقن جو احترام ڪري ٿو، آمريڪي مفادن لاءِ اهم آهي ۽ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاڪستان جي حڪومت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهن لاڳاپن کي برقرار رکي ٿو.انتوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته جمهوري اصولن ۽ سڀني لاءِ قانون جي حڪمراني جي حمايت ڪندي، آمريڪا اهڙي تڪرار جو پارٽي نه بڻجڻ چاهي ٿو جيڪو جلد ختم نه ٿئي.










