’پاڪستاني حصي جي پاڻي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر قدم کڻداسين‘

’پاڪستاني حصي جي پاڻي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر قدم کڻداسين‘

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي (انڊس واٽرز ٽريٽي) جي مسلسل ڀڃڪڙين جي پسمنظر ۾ پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت سومر تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان جي جائز حصي جو پاڻي هر حال ۾ يقيني بڻائڻ لاءِ “ضروري هر قدم” کنيو ويندو.
اهو فيصلو چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدارت هيٺ راولپنڊي جي جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ٿيل 276هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس (سي سي سي) دوران ڪيو ويو، جنهن بابت پاڪ فوج جي شعبي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) بيان جاري ڪيو.
بيان موجب، فورم سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت جي بيان بازي جو نوٽيس وٺندي 24 اپريل 2025ع تي قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) پاران جاري ڪيل هدايتن جي ٻيهر توثيق ڪئي، جيڪي ڀارت طرفان معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ واري قدم کان پوءِ جاري ڪيون ويون هيون.
بيان ۾ چيو ويو ته فورم حڪومت جي هدايتن ۽ پاڪستاني عوام جي امنگن موجب پاڪستان جي پاڻيءَ جي جائز حصي جي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ضروري قدم کڻڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو.
فورم ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير (آءِ آءِ او جي ڪي) ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ آباديءَ جي هڪ طرفي تبديلي (ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ) جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته “ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.”
آءِ ايس پي آر موجب، فورم ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي غيرمتزلزل سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جي ٻيهر توثيق ڪندي زور ڏنو ته علائقي ۾ حقيقي استحڪام تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ جو ناقابلِ تنسيخ حق ڏنو وڃي.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته گذريل سال ڀارت سان ٿيل “معرڪه حق” ۾ جامع شڪست کان پوءِ ڀارت پاڪستان اندر بدامني پيدا ڪرڻ لاءِ ٻاهرين سهڪار سان هلندڙ هائبرڊ جنگ ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا مهمن تي وڌيڪ ڀاڙڻ لڳو آهي.
بيان موجب، فورم رياستي سرپرستي هيٺ دهشتگردن جي مالي مدد، سهولتڪاري يا پٺڀرائي جي هر صورت جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان کي هائبرڊ طريقن سان غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر ڪوشش جو حڪمت عملي، واضح سوچ ۽ پختي عزم سان مقابلو ڪيو ويندو.
علائقي جي بدلجندڙ صورتحال جو جائزو وٺندي فورم آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهين ۾ ثالث طور پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو، جنهن ذريعي ڳالهين، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي استحڪام کي هٿي ملي رهي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس تڪرارن جي پرامن حل، بين الاقوامي قانون جي احترام ۽ گڏيل سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي سهڪار وڌائڻ بابت پاڪستان جي عزم جي ٻيهر توثيق ڪئي.
آپريشن “غضب لِلحق” تحت انٽيليجنس بنياد تي ڪارروايون جاري رهنديون
فورم افغان طالبان جي قبضي هيٺ علائقن کي ڀارت جي سهڪار سان هلندڙ دهشتگرد تنظيمن، جن ۾ “فتنه الخوارج” (ايف اي ڪي) ۽ “فتنه الهندستان” (ايف اي ايڇ) شامل آهن، پاران پاڪستان اندر حملن جي منصوبابندي لاءِ استعمال ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
پاڪستاني حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ان سان لاڳاپيل گروهن لاءِ “فتنه الخوارج” جو اصطلاح استعمال ڪندي آهي، جڏهن ته “فتنه الهندستان” انهن گروهن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جن تي پاڪستان اندر دهشتگرد ڪارروايون ڪرائڻ لاءِ ڀارت جي سرپرستي جو الزام آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته فورم واضح ڪيو ته علائقي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ان ڳالهه سان مشروط آهي ته افغان طالبان جي ڪنٽرول هيٺ علائقن کي ڀارتي دهشتگرد نمائندن جي استعمال کان روڪيو وڃي، جنهن جي سڌي ذميواري افغان طالبان حڪومت تي عائد ٿئي ٿي.
اعليٰ فوجي قيادت اعلان ڪيو ته پاڪستان کي پنهنجي عوام کي دهشتگردي کان بچائڻ جو “غيرمبهم حق” حاصل آهي، ۽ هٿياربند فوجون آپريشن “غضب لِلحق” جي دائري ۾ افغان طالبان جي ڪنٽرول هيٺ علائقن مان ٿيندڙ دهشتگردي خلاف انٽيليجنس بنياد تي آپريشن (آءِ بي اوز) جاري رکنديون.
فورم فوجي ڪاررواين سان گڏوگڏ ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته حساس علائقن ۾ عوامي خدمت ۽ ڀلائي تي ٻڌل مضبوط انتظامي ڍانچا فوري طور قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن سياسي سرپرستي هيٺ وڌندڙ دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ کي ختم ڪري سگهجي.
فورم هٿياربند فوجن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهري شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته انهن جون قربانيون پاڪستان جي سلامتي، اتحاد ۽ استقامت جو بنياد آهن.
بيان موجب، فورم ملڪ جي موجوده سلامتي واري صورتحال جو جائزو وٺندي پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي آپريشنل تياري، پيشه ورانه صلاحيت ۽ جنگي تياريءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
پنهنجي اختتامي خطاب ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ڪمانڊرن کي هدايت ڪئي ته جنگ جي بدلجندڙ نوعيت کي نظر ۾ رکندي گهڻ رخي تبديلي واري منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.
هن ڪمانڊرن تي زور ڏنو ته هو هر وقت اعليٰ سطح جي چوڪسي، آپريشنل تياري ۽ پيشه ورانه مهارت برقرار رکن ۽ روايتي، غيرروايتي ۽ هائبرڊ خطرن کي گڏيل حڪمت عملي سان منهن ڏيندي هر قيمت تي پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي مفادن جو تحفظ ڪن.
اسلام آباد ڪيترائي ڀيرا ڪابل ۾ طالبان حڪومت کان مطالبو ڪري چڪو آهي ته افغان سرزمين تي موجود دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن کي ختم ڪيو وڃي، جيڪي پاڪستان اندر حملن لاءِ استعمال ٿين ٿا، پر پاڪستاني عملدارن موجب انهن مطالبن تي اڃا تائين ڪو اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي.
26 فيبروري جي رات، افغان طالبان طرفان سرحد پار بنا اشتعال فائرنگ کان پوءِ پاڪستان دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف آپريشن “غضب لِلحق” شروع ڪيو هو.
28 جون تي ڪراچي ۾ رينجرز جي هڪ مرڪز تي حملي سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين کان پوءِ پاڪستان جماعت الاحرار ۽ فتنه الخوارج جي ٺڪاڻن تي “منصوبا بند حملا” ڪيا، جن ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ موجب 29 دهشتگرد مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو