پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا کي ٽئين ٽي 20 ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

سينچورين(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اوپنرن جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ ڏکڻ افريڪا کي9وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪپتان بابر اعظم شاندار بيٽنگ ڪندي 122 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته محمد رضوان 73 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. بابر اعظم جي ٽي 20 ۾ اها پهرين سينچري هئي. ان کان اڳ ڏکڻ افريڪا پهرين بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي 203 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، جنهن ۾ مرڪرم 63 ۽ ملان 55 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. موٽ ۾ پاڪستان گهربل اسڪور 18هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو. اهڙي ريت پاڪستان کي 4 ميچن جي سيريز ۾ ٻن ميچن جي سرسي حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو