پاسپورٽ جي درجه بندي ۾ بهتري باوجود ڪمزور ترين پاسپورٽن ۾ شامل

پاسپورٽ جي درجه بندي ۾ بهتري باوجود ڪمزور ترين پاسپورٽن ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستاني پاسپورٽ عالمي درجي بندي ۾ ٻه درجا بهتر ٿيندي 103 مان 101 نمبر تي اچي ويو آهي، پر گرين پاسپورٽ اڃا به دنيا جي ڪمزور ترين پاسپورٽن ۾ شامل آهي ۽ صرف عراق، شام ۽ افغانستان کان بهتر آهي. تفصيل موجب، پاڪستان جو پاسپورٽ عالمي درجي بندي ۾ 2 درجا بهتري کانپوءِ 101 نمبر تي اچي ويو آهي، ان سان گڏ ئي پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو هاڻي 29 ملڪن يا خطن ۾ اڳواٽ ويزا جي بغير سفر ڪري سگهن ٿا. سال 2026ع ۾ هيءَ درجي بندي عالمي شهريت ۽ رهائش بابت صلاحڪار اداري ‘هينلي اينڊ پارٽنرز’ پاران جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ دنيا جي 199 پاسپورٽن ۽ 227 سفري ماڳن جو جائزو ورتو ويندو آهي. پاسپورٽ انڊيڪس ۾ پاسپورٽ جي طاقت جو اندازو ان بنياد تي لڳايو ويندو آهي ته ان کي رکندڙ ماڻهو ڪيترين ملڪن يا علائقن ۾ اڳواٽ ويزا کان سواءِ داخل ٿي سگهن ٿا. مذڪوره اداري موجب ڪجهه صورتن ۾ سفري پابنديون ويزا پاليسي تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون. هن درجي بندي ۾ سنگاپور پهرين نمبر تي برقرار آهي، هندستان 81 هين جڏهن ته افغانستان فهرست جي سڀ کان آخر ۾ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو