پارليامينٽ لاجز ۾ منشيات جو استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

پارليامينٽ لاجز ۾ منشيات جو استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ منشيات جو استعمال ٿي رهيو آهي.مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ منشيات جو استعمال ٿي رهيو آهي، پارليامينٽ لاجز ۾ رات نڪ تي هٿ رکي گذارڻي پوندي آهي.ن ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر علي گوهر جواب ڏيندي چيو ته پارليامينٽ لاجز کي بدنام نه ڪيو وڃي، اهو الزام درست ناهي، عبدالاڪبر چترالي کي ڪو مسئلو آهي ته دوا استعمال ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو