اسلام آباد(بيورو رپورٽ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ صدر عارف علي سميت پي ٽي آءِ قيادت کي بري ڪري ڇڏيو اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ، صدر عارف علوي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ تعليم واري وزير شفقت محمود کي بري ڪري ڇڏيو. عدالت خيبرپختونخواهه جي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي، اعجاز چوڌري، عليم خان ۽ جهانگير ترين کي به بري ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن جوابدارن جي درخواستن جي مخالفت نه ڪئي. واضح رهي ته پارليامينٽ حملي جو ڪيس 30 آگسٽ 2014 تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ وزيراعظم عمران خان اڳ ئي بري ٿي چڪو آهي.










