اسلام آباد( بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ حوالي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر انور منصور ۽ فيصل چوڌري پيش ٿيا.جسٽس عامر فاروق چيو ته ان درخواست جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ويندي، لارجر بينچ سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور دليلن ۾ چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ کي چئلينج ڪيو آهي، جيڪا سپريم ڪورٽ حنيف عباسي ڪيس ۾ واضح ڪئي هئي. انور منصور چيو ته مختلف سببن جي ڪري اڪائونٽس ظاهر ڪرڻ ضروري نه هو، رقم هتان هلي وئي آهي ان ڪري صوبن جي اڪائونٽن ۾ ظاهر ڪرڻ ضروري نه هو. انور منصور استدعا ڪئي ته شوڪاز نوٽيس جي حد تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته اهو معاملو به لارجر بينچ ٻڌائيندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ڪيس کي لارجر بينچ آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










