ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت پابندي مڙهيل بي اين اي جي گرفتار اڳواڻ گلزار امام کي ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو. بلوچستان جي عوام کان معافي گهرندي گلزار امام چيو ته هٿياربند جدوجهد سان بلوچستان جي ترقي رڪجي وئي آهي. مان غلط رستي تي هئس دوستن کي به چوان ٿو ته اهي واپس اچي وڃن.صوبائي وزير ضياءَ لانگو ۽ سينيٽر آغا عمر احمد زئي ڪوئٽه ۾ اهم پريس ڪانفرنس دوران پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي جي اڳواڻ گلزار امام کي ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو.گلزار امام صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته منهنجو تعلق پنجگور جي علائقي پروم سان آهي. مون 15 سال اڳ ڪارروائين جي شروعات ڪئي. ڪجهه وقت اڳ فورسز مون کي گرفتار ڪيو هو. ان دوران ماضي تي سوچڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته بلوچستان جي حقن جي جنگ هٿياربند ٿي وڙهڻ بجاءِ سياسي جدوجهد سان ممڪن آهي. رياست کي سمجهڻ کان سواءِ جنگ جي شروعات ڪئي. هٿياربند جدوجهد سان بلوچستان جي ترقي رڪجي وئي. اميد آهي ته رياست ماءُ جي طور تي مون کي اصلاح جو موقعو ڏيندي. گلزار امام چيو ته سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. بلوچستان ۾ فنڊز ۽ وسيلن جو صحيح استعمال نه پيو ٿئي. رياست بلوچن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي. سڄي دنيا ۾ مسئلن جو حل پرامن ڳالهين سان ئي نڪرندو آهي. تڪليف ڏيندڙ تجربن کان پوءِ احساس ٿيو ته جنهن رستي جي چونڊ ڪئي اهو غلط هو.صوبائي گهرو وزير ضيا لانگو ان موقعي تي چيو ته ملڪي مفاد لاءِ اسان هڪ پيج تي آهيون. فورسز ۽ ادارن ملڪ خلاف سازشون ناڪام بنايون. رياست جي وجود کي خطرو ٿيو ته ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو. حقن لاءِ نوجوانن کي هٿيار ڏئي پهاڙن تي اماڻڻ صحيح عمل نه آهي. رياست جي بنيادن سان کيڏندڙن لاءِ ڪوبه آپشن نه آهي.سينيٽر آغا عمر احمد زئي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته بلوچن پاڪستان لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن جيڪي ماڻهو واپس اچڻ چاهين ٿا انهن لاءِ پاليسي ٺاهي وڃي. مفاهمتي عمل ختم نه ٿين گهرجي. قانون جي دائري اندر نوجوانن جي واپسي جو رستو کلڻ گهرجي.










