پائل نور فاطمه بڻجي وئي، مرضي سان مسلمان ٿي شادي ڪئي اٿم

دڙو (امداد ميمڻ) ٺٽي جي اغوا ڄاڻايل هندو ناري پايل ديوي مسلمان ٿي نوجوان ڪامران سومرو سان شادي ڪري ڇڏي، گذريل 5 ڏينھن اڳ مڪلي ٿاڻي جي حد مان مبينا اغوا ڄاڻايل ناري پايل ديوي جي وارثن الزام ھنيو ھو تہ نوجوان ڪامران سومرو ۽ سندس ساٿين کيس اغوا ڪيو آھي، ناري جي وارثن جو چوڻ ھو تہ نوجوان ڪامران سومرو استاد ھو ۽ پايل انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ ٽيوشن سينٽر ويندي ھئي، ناري پايل ديوي مسلمان ٿي نوجوان ڪامران سومرو سان شادي ڪري ورتي آھي، سندس نئون اسلامي نالو نور فاطمہ رکيو ويو آھي، نور فاطمہ پنھنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آھي تہ مونکي ڪنھن بہ اغوا ناھي ڪيو، مون پنھنجي رضا خوشي سان ڪامران سومرو سان شادي ڪئي آھي، ھن وڌيڪ چيو تہ مونکي منھنجي مٽ مائٽن مان خطرو آھي، اعليٰ اختياريون اسان کي تحفظ فراھم ڪن، ياد رھي تہ ناري جو اغوا ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪامران سومرو جي ٽن ڀائرن کي پوليس گرفتار ڪري سندن رمانڊ پڻ ورتو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو