اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته سوشل ميڊيا قانون حتمي مرحلن ۾ آهي.صحافين سان ڳالهائيندي امين الحق چيو ته سوشل ميڊيا قانون منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن اماڻيو ويندو.هن چيو ته قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي سوشل ميڊيا جي ضابطن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي.وفاقي وزير چيو ته گوگل پنهنجي آفيس پاڪستان ۾ قائم ڪري ڇڏي آهي، ٽڪ ٽاڪ به پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ وارو آهي، جڏهن ته جيڪا ڪمپني پاڪستان ۾ نه ايندي ان کي ورچوئل آفيس هجڻ گهرجي.










