ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا ايپ ٽِڪ ٽالڪ جي مقبوليت جو راز ان جي چند سيڪنڊن جون وڊيوز آهن پر هاڻي ڪمپني 10 منٽن تائين ڊگھي وڊيوز پوسٽ ڪرڻ جي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. ٽڪ ٽاڪ تصديق ڪئي آهي ته هاڻي هن سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ تي وڌ ۾ وڌ 10 منٽن جي وڊيو پوسٽ ڪري سگهجي ٿي. ٽِڪ ٽاڪ بتدريج وڊيو جو وقت وڌائي رهيو آهي، پهرين 15 سيڪنڊن کان 60 سيڪنڊن تائين ۽ جولاءِ 2021 ۾ 3 منٽن تائين جو وقت وڌايو هو. ٽڪ ٽاڪ پاران جاري ڪيل بيان موجب، اسان هميشه پنهنجي صارفين کي ايپ استعمال ڪندي بهترين تجربو مهيا ڪرڻ لاء نوان طريقا ڳوليندا آهيون.










