غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور ٽي ھفتا اڳ ناپر ڪوٽ جي حد مان مبينه اغوا ٿيل غوثپور واسي ٽن ڄڻن کي ناپر ڪوٽ جي پوليس ڳڙھي تيغو واري علائقي مان مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو۔ پوليس ٽنھي مغوين امان الله جعفري۔ غلام شبير جعفري ۽ ياسين نندواڻي کي مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آھي. ٽيويھ ڏينھن اڳ دوستن ڏي دعوت کائڻ لا۽ ڪچي طرف ويندي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل امان الله جعفري۔ غلام شبير جعفري ۽ ياسين نندواڻي کي ناپر ڪوٽ پوليس ڳڙھي تيغو واري ڪچي مان ڌاڙيلن سان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آھي۔ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڏوھاري مغوين کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪن پيا ته ڳجھي اطلاع تي پھچي مقابلو ڪيو سي۔ ٻئي پاسي وري علائقي ۾ چئوٻول آھي ته مغوين کي ڊيل ڪري بازياب ڪرايو ويو آھي۔ واضع رھي ته چار ڏينھن اڳ مغوين جي وارثن سندن بازيابي لاءِ انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ھيو جنھن بعد پوليس کانئن چئن ڏينھن جي مھلت ورتي ھئي جيڪا اڄ پوري ٿي ۽ مغوي بازياب ٿي ويا










