ٽي ٽي پي سان جنگبندي ڪجهه غلط فهمين سبب نه ٿي سگهي: بئريسٽر سيف

ٽي ٽي پي سان جنگبندي ڪجهه غلط فهمين سبب نه ٿي سگهي: بئريسٽر سيف

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته هو پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ حافظ گل بهادر گروپ وچ ۾ مفاهمت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن.هڪ انٽرويو دوران بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته حافظ گل بهادر گروپ جنگ ختم ڪري حڪومت سان ڳالهيون ڪري، هٿياربندن جو بندوق ذريعي پاڪستان تي قبضو ناممڪن آهي.هن چيو ته اسان افغانستان ويا هئاسين، ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي هئي، مفتي نور ولي جون ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو پر ڪجهه غلط فهميون ۽ ڪجهه سببن جي ڪري جنگبندي برقرار نه رهي سگهي.بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته سراج الدين حقاني ۽ ٽي ٽي پي کان سندن ڪردار بابت پڇيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو