ٽي ٽي پي افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري پئي

ٽي ٽي پي افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري پئي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور تصديق ڪئي آهي ته افغان زمين جا پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ جا واضح دستاويزي ثبوت موجود آهن.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته مان اڳوڻي وڏي وزير جي حيثيت سان اها تصديق ڪريان ٿو ته صوبائي ۽ وفاقي ٻنهي حڪومتن وٽ پڪيون شاهديون موجود آهن ته تحريڪ طالبان پاڪستان افغانستان مان پاڪستان ۽ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري رهي آهي.هن چيو ته افعان حڪومت ۽ تحريڪ طالبان افغانستان جي علم ۾ آهي ته اهو سڀ ڪجهه انهن جي حمايت سان ٿي رهيو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ پيش ايندڙ دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ افغان شهري ملوث هئا. جڏهن ته دهشتگرد سرگرمين جي ڪيترن ئي واقعن ۾ افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو