ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع، عمان جي شاندار ڪاميابي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ٽي ٽو.نٽي ورلڊ ڪپ عمان ۽ دبئي ۾ شروع ٿي ويو آهي. پهرين ميچ ميزبان عمان ۽ پاپوا نيوگني ۾ کيڏيو ويو. عمان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مهمان ٽيم 9 وڪيٽن تي 129 رنز ٺاهي سگهي. عمان جي اوپنرز فڦٽيون اسڪور ڪندي بنا ڪنهن نقصان جي ميچ کٽي ورتي. پاپوا نيوگني جا زيرو تي 2 رانديگر آئوٽ ٿي ويا هئا. اسد والا ففٽي اسڪور ڪري نمايان رهيو پر ٽيم هارائي وئي. عمان جي اوپنر عاقب عباس 50 ۽ جتيندر سنگهه 73 تي ناٽ آئوٽ رهيو، عمان جي ڪپتان ذيشان مقصود کي بهترين بالنگ تي پليئر آف دي ميچ جو اعزا مليو. ٻيو ميچ اسڪاٽلينڊ ۽ بنگلاديش ۾ کيڏيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو