ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت انگلينڊ کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ 7 رنز تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.
انگلينڊ جي ٽيم ڀارت جي 254 رنز جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ 246 رنز ئي ٺاهي سگهي. ممبئي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان هيري بروڪ ٽاس کٽي ڀارت کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڀارت جي اننگز
ڀارت 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 253 رنز ٺاهيون. ڀارت طرفان سنجو سيمسن 89 رنز ٺاهي نمايان رهيو. هن جو شروع ۾ ئي هيري بروڪس آسان ڪيچ ڊراپ ڪيو، جيڪو سندن لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿيو.
ان کان علاوه شيوام دوبي 43، ايشان ڪشن 39، سوريا ڪمار يادو 11، هاردڪ پانڊيا 27 ۽ تلڪ ورما 21 رنز ٺاهيا. انگلينڊ طرفان ول جيڪس ۽ عادل راشد 2-2 وڪيٽون ورتيون.
انگلينڊ جي اننگز
انگلينڊ 254 رنز جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 246 رنز تائين پهچي سگهيو. انگلينڊ طرفان جيڪب بيٿل 105 رنز جي شاندار اننگز کيڏي. ول جيڪس 35 ۽ جوز بٽلر 25 رنز ٺاهيون.
ڀارت طرفان هاردڪ پانڊيا 2 وڪيٽون ورتيون.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل آچر 8 مارچ تي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ احمد آباد ۾ ٿيندو.
سنڌ ۾ ڪمند جو ريٽ مقرر ڪريو ۽ پيڙائي شروع ڪرايو
اطلاعات کاتي جي 32 آفيسرن ۽ ملازمن جي ترقين جي منظوري
اسرائيلي اشتهاري ڪمپنيءَ تي اسٽارلنڪ جي جاسوسيءَ جو الزام
پيٽرول ڪيتري تيزي سان مهانگو ٿيندو ڪجهه چئي نٿو سگهجي
نومبر جي وچ ڌاري اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪنداسين: حافظ نعيم
جي بي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ڪرڻ لاءِ سهڪار جي خاطري
اسرائيل ۾ پولنگ، ووٽنگ جي شرح ماضي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا
سُهيل آفريدي جي آزاديءَ لاءِ آواز ڇو نٿو اٿاريو وڃي؟ ناصر عباس
سنڌ ۾ نئين صوبي واري معاملي تي فل اسٽاپ لڳي چڪو
سياسي ڇڪتاڻ وڌي پئي، سياسي انتقامي ڪارروايون عروج تي آهن
گھوٽڪي ڊرينيج رٿا بابت سنڌ جا خدشا
بااثر هجي يا پنهنجي جماعت جو، ڏوھاري کي بخش نه ڪنداسين
شهرين جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي
ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو محفوظ
25 ورهين جي ناري کي قتل ڪندڙ جوابدار بري
ٽي ملڪي سيريز: پاڪستان کي شڪست، سريلنڪا فائنل ۾ پهچي ويو
شادمان ٽائون ۾ حادثو، نوجوان فوت، هڪ زخمي
پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو پاور وڌائڻ جي مخالفت
ٺٽي-سجاول باءِ پاس تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت
سياري ۾ گهريلو واهپيدارن کي 8 ڪلاڪ گئس ملڻ جو امڪان










