ٽي ملڪي سيريز، پاڪستان سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ٽي ملڪي سيريز، پاڪستان سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي )ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽي 20 ٽرائي نيشن سيريز جي ٽئين ميچ ۾ سريلنڪا کي 7 وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي.راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾، گرين شرٽس 129 رنسن جو هدف تيز رفتاري سان 15.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.اوپننگ بيٽسمين صاحبزاده فرحان صرف 45 بالن ۾ 80 رنسون ٺاهيون، هن دوران 6 چوڪا ۽ 5 ڇڪا لڳايا.ٻين رانديگرن ۾، صائم ايوب 20، بابر اعظم 16 ۽ ڪپتان سلمان علي آغا صفر تي پويلين موٽي ويا، جڏهن ته عثمان خان 5 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.سريلنڪا جي چميرا 2 وڪيٽون ۽ شانڪا 1 وڪيٽ ورتي، محمد نواز کي سندس شاندار ڪارڪردگي تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنسون ٺاهيون.سريلنڪا جو جينت لياناگ 41 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڪوشل پريرا 25 ۽ ڪامل مشرا 22 رنسون ٺاهيون.گرين شرٽس لاءِ محمد نواز 3 وڪيٽون ورتيون، سلمان مرزا، فهيم اشرف ۽ ابرار احمد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.ٽاس کٽڻ کان پوءِ سريلنڪن ڪپتان چيو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي هئي.فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پير جي زخم سبب اڄ جي ميچ ۾ قومي ٽيم جو حصو نه هو.سلمان علي آغا ٽاس جي وقت چيو ته محمد وسيم جونيئر کي شاهين آفريدي جي جاءِ تي آخري يارهن جو حصو بڻايو ويو آهي.پاڪستاني ٽيم ۾ صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، بابر اعظم، فخر زمان، عثمان خان، محمد نواز، فهيم اشرف، ابرار احمد، محمد وسيم جونيئر، سليمان مرزا شامل هئا.سريلنڪن ٽيم ۾ ڪمندو مينڊس، ونندو هسارنگا، دوشمنٿا چيميرا، ايشان ملنگا ۽ وجياڪانٿا وشواناٿن شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو