ڪرائس چرچ(ويب ڊيسڪ)ٽي ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 21 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان جي اننگز
پاڪستان طرفان وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان 78 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته شان مسعود 31 رنسن جي اننگز کيڏي.قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 22 رنسون ٺاهي مهدي حسن جي بال تي مستفيض الرحمان جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته افتخار احمد 13 رنسون، حيدر علي 6 ۽ آصف علي صرف 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
بنگلاديش جي اننگز
بنگلاديش جي اوپنر مهدي حسن 10 رنسون ٺاهي محمد وسيم جونيئر جي هٿان بولڊ ٿي ويو جڏهن ته شبير رحمان پنهنجي ئي بال تي فاسٽ بالر حارث رئوف جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.ان کان پوءِ محمد نواز 13هين اوور ۾ 35 رنسن تي بنگلاديشي بيٽسمين لتن داس کي ڪيچ آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ محمد نواز ايندڙ بال تي پاڪستان لاءِ مصدق حسين جي چوٿين وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.پنجين وڪيٽ فاسٽ بالر شاهنواز دھاني ۽ ڇهين وڪيٽ نائب ڪپتان شاداب خان ورتي، جڏهن ته وسيم جونيئر ايندڙ ٻن بنگلاديش رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.168 رنسن جي تعاقب ۾ بنگلاديشي رانديگر صرف 146 رنسون ٺاهي سگھيا، ياسر علي 42 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته عفيف حسين 25 رنسن جي اننگز کيڏي.پاڪستان طرفان وسيم جونيئر 3 ۽ محمد نواز 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته شاداب خان، شاهنواز دستي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
پروفيشنل طور سڀني حالتن لاءِ تيار آهيون: قومي ڪپتان ڳالهيون
ميچ کان اڳ ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ هو ته پروفيشنل طور هو هر قسم جي حالتن لاءِ تيار آهي، هن پچ تي 160 کان 170 رنسون ٺاهيون وينديون، اسان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندا. نيوزيلينڊ جون وڪيٽون بائونس ٿيون آهن جن تي اسان مشق ڪئي آهي. ٻئي طرف بنگلاديشي ڪپتان نورالحسن چيو آهي ته اڄ جي موسم گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي.










