ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر ۽ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي سربراهه مولانا بشير فاروقي چيو آهي ته آرمي چيف طاقت جي استعمال جي حق ۾ ناهي پر سندس زور ڳالهين تي هو. مولانا بشير فاروقي چيو ته آرمي چيف هن ملڪ ۾ سئو سيڪڙو امن چاهي ٿو. هن چيو ته آرمي چيف جو زور ڳالهين تي هو، سمورا ڪم سندس آشيرواد سان ٿيا، جيڪو معاهدو ٿيو آهي ان ۾ آرمي چيف جو ڪردار هڪ هزار سيڪڙو آهي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن. ذريعن موجب گذريل رات حڪومتي وفد ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جي قيادت وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، حڪومتي وفد ۾ شاهه محمود قريشي، اسد قيصر ۽ علي محمد خان شامل هئا، جڏهن ته ڳالهين ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو سربراهه سعد رضوي به موجود هو. ڳالهين جي ڪاميابي جو اعلان بعد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو.










