ڪراچي (نمائندن وٽان) لاهور واقعي بعد مذهبي جماعت جي سڏ تي ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي .پنجاب جي جي شهرن لاهور، گجرانوالا ۽ ٻين شهرن ۾ هڙتال رهي آهي ، سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، ٺٽو، سجاول، بدين، مٺي ۽ ٻين شهرن ۾ جزوي هڙتال رهي مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن جا احتجاجي مظاهرا جاري آهن، واپاري تنظيمن طرفان به مذهبي جماعت جي هڙتال واري سڏ جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي.










