ڪراچي (نمائندن وٽان) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جا اڱاري تي لڳاتار ٻئي ڏينهن تي به مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهن. ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، گجرانوالا، راولپنڊي سميت اڪثر شهرن ۾ روڊ بلاڪ آهن، پوليس سان ڇڪريون جاري آهن، ٽريفڪ بلاڪ هئڻ سبب خلق پريشان آهي، ٽريفڪ بري طرح متاثر ٿي آهي. سومر تي شام جو شروع ٿيل احتجاج جاري آهن، ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت ڪندڙن ٻڌايو ته هو ٽريفڪ جام هئڻ سبب شام جو پنجين وڳي آفيس مان نڪتا ۽ فجر جو پنجين وڳي گلشن معمار ۾ هو پنهنجي گهر پهتا. ڪراچي کان بلوچستان ويندڙ رستو به بلاڪ آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽاور جو علائقو ڪليئر ڪيو آهي، ڪجهه گرفتاريون به عمل ۾ آيون آهن، جڏهن ته نيو ڪراچي واري پاسي پاور چورنگي، نمائش ۽ ٻين جاين تي ڪارڪن موجود آهن.

شهر ۾ مختلف جاين تي روڊ بلاڪ آهن. لاهور ۾ پوليس اهلڪارن کي ڪارڪنن ڪٽڪو ڏنو، هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، هڪ پوليس انسپيڪٽر جي وردي ڦاڙي کيس لٺيون هڻي رتو رت ڪيو ويو.
لاهور جي 16 جاين تي روڊ بلاڪ آهي. هر طرف ڏنڊا بردار مظاهرين گهمي رهيا آهن، جيڪي گاڏين تي پٿراءُ ڪن ٿا. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به ٽريفڪ متاٿر ٿي آهي، فيض آباد تي رينجرز ۽ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، مري روڊ تي ڪنٽينر رکي ان کي بند ڪيو ويو آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته فرانس ۾ رسول پاڪ جي خاڪن واري معاملي تي حڪومت کين لکت ۾ واعدو ڪيو هو ته 20 اپريل تائين فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو ويندو، جنهن تي عمل نه ٿيو ته اسين احتجاج جو سڏ ڏنو ته پنجاب پوليس اسانجي ليڊر سعد خادم رضوي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اسانجو مطالبو آهي ته گرفتار ليڊر ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪريو ۽ لکت ۾ ڪيل معاهدي تي عمل ڪيو وڃي. سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي ته رياست جي رٽ کي چيلنج ڪندڙن کي سختي سان ڪچليو وڃي حڪومت پاران مناسب قدم نه کڻڻ تي مٿن تنقيد ٿي رهي آهي.










