اسلام آباد (بيورو)اپٽما جي سربراهه گوهر اعجاز چيو ته ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ سيڪٽر ۾ گيس جي ڪٽائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هڪ بيان ۾ گوهر اعجاز چيو ته عيد جي ڪري جولاءِ ۾ انڊسٽري 15 کان 20 ڏينهن بند رهندي، گئس نه ملڻ سبب اسان جا ايڪسپورٽ آرڊر منسوخ ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته گئس جي عدم دستيابي سبب هڪ ارب کان 2 ارب ڊالرن جي برآمدات متاثر ٿي سگهن ٿيون. ٻئي طرف ڪراچي جي صنعتڪارن چيو آهي ته حڪومت طرفان صنعتن کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ انتهائي تباهي ثابت ٿيندو. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) سميت آل ڪراچي ٽائون ايسوسي ايشنز وزير اعظم شهباز شريف کي گئس جي عدم فراهمي جو نوٽيس وٺندي خدشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي جي صنعتن کي گهرج مطابق گيس فراهم ڪئي وڃي ته پوءِ بجلي جي فراهمي بند ڪئي وڃي. يقيني نه بڻايو ويو ته صنعتون مڪمل طور تباهه ٿي وينديون.










