ٽيڪسي ڊرائيور جي ايئرپورٽ انٽري پاس ۽ اسٽيڪر بحاليءَ واري درخواست رد

ٽيڪسي ڊرائيور جي ايئرپورٽ انٽري پاس ۽ اسٽيڪر بحاليءَ واري درخواست رد

لاهور: (محمد اشفاق) لاهور هاءِ ڪورٽ علاما اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور تي ٽيڪسي هلائيندڙ ڊرائيور پاران ايئرپورٽ انٽري پاس ۽ ٽيڪسي اسٽيڪر جي بحاليءَ لاءِ داخل ڪيل آئيني درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت قرار ڏنو آهي ته ايئرپورٽ جي محدود ۽ حساس علائقي ۾ داخلا جي اجازت ڪنهن به شخص جو مستقل يا قانوني حق ناهي پر اها هڪ ضابطي تحت ملندڙ اجازت آهي، جنهن کي ايئرپورٽ انتظاميه قانون موجب جاري، معطل يا منسوخ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راحيل ڪامران 9 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جاري ڪيو. عدالت الله بخش ۽ ٻين جي درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته ايئرپورٽ مئنيجر پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ائڪٽ 2023 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي درخواست گزار جو انٽري پاس ۽ ٽيڪسي اسٽيڪر بحال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ ڪا به قانوني، آئيني يا طريقيڪار جي ڀڃڪڙي ثابت ناهي ٿي. فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواست گزار خلاف مسافرن سان بدسلوڪي، ايئرپورٽ جي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي، مختلف شڪايتن، اي ايس ايف (ASF) جي رپورٽن ۽ ٻئي رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي ايئرپورٽ انتظاميه اهو انتظامي فيصلو ڪيو. عدالت قرار ڏنو ته اهو فيصلو ڪنهن هڪ شڪايت جي بنياد تي ناهي پر مجموعي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي. عدالت چيو ته پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ائڪٽ 2023 تحت ايئرپورٽ مئنيجر رڳو هڪ انتظامي آفيسر ناهي پر هڪ قانوني اٿارٽي آهي، جنهن جي ذميواري ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي، مسافرن جي سهولت، نظم و ضبط ۽ محفوظ آپريشن کي يقيني بڻائڻ آهي. ان ڪري ايئرپورٽ اندر ٽيڪسي سروس هلائڻ جي اجازت جو معاملو ڪو نجي معاهدو ناهي پر عوامي مفاد ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل قانوني اختيار جو معاملو آهي. فيصلي ۾ عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 18 تحت ڪاروبار ڪرڻ جي آزادي مطلق (مڪمل) ناهي پر قانون موجب مناسب پابندين جي تابع آهي. درخواست گزار کي ٽيڪسي جو ڪاروبار ڪرڻ کان ناهي روڪيو ويو پر صرف ايئرپورٽ جي حساس ۽ محدود علائقي تائين پهچ جي اجازت ناهي ڏني وئي، جيڪا سيڪيورٽي ۽ انتظامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي هڪ معقول پابندي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواست گزار اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته ساڻس ڪو امتيازي سلوڪ ڪيو ويو آهي يا ان جهڙن ٻين ٽيڪسي ڊرائيورن کي مختلف رويي جو سامنا ڪرڻو پيو. عدالت موجب، رڳو جانبداري يا هٿراڌو هڪ هٽي (اجاره داري) جا الزام، بغير ڪنهن ٺوس ثبوت جي، آئيني اختيار استعمال ڪرڻ جو بنياد نٿا بڻجي سگهن. لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته عدالتي نظرثانيءَ جو مقصد انتظاميه جي فيصلي جي جڳهه تي پنهنجو فيصلو ڏيڻ ناهي پر صرف اهو ڏسڻ آهي ته فيصلو قانون موجب، منصفاڻي طريقي سان ۽ لاڳاپيل مواد کي سامهون رکي ڪيو ويو آهي يا نه. جنهن ڪري هن ڪيس ۾ ڪا به بدنيتي، اختيارن کان تجاوز يا قانوني بي ضابطگي ثابت ناهي ٿي، ان ڪري عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي. عدالت آئيني درخواست خارج ڪندي واضح ڪيو ته جتان ايئرپورٽ انٽري پاس هڪ ضابطي واري اجازت آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن مستقبل ۾ درخواست گزار قانون موجب ٻيهر درخواست ڏيڻ چاهي ته اهو فيصلو سندس راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻبو.

پهنجو تبصرو موڪليو