گجرات (ويب ڊيسڪ)گجرات ۾ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر کي اينٽي ڪرپشن جي حراست مان اڻڄاتل ماڻهو حراست ۾ وٺي فرار ٿي ويا.سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن آفتاب حيدر موجب گجرات ۾ شاديوال روڊ تي ڪار ۾ سوار ماڻهن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد جوابدار پي ٽي آءِ ايم اين اي امتياز چوڌري سميت فرار ٿي ويا. سرڪل آفيسر جو چوڻ آهي ته امتياز چوڌري کي اينٽي ڪرپشن ٽيم منڊي بهاءُ الدين وٺي رهي هئي.آفتاب حيدر موجب اينٽي ڪرپشن امتياز چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ تي رکيو هو، جڏهن ته کيس اڄ ٻيهر سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










