screen shot, File photo

ٽيسٽ ٽيم جو قومي ڪپتان اظهر علي بخار ۾ مبتلا

پرٿ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي دوري تي موجود پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي کي بخار ۽ گلي ۾ انفيڪشن ٿي پيو آهي جنهن ڪري ان کي آسٽريليا اليون خلاف ٿيندڙ ٽوئر ميچ کان ٻاهر رکيو ويو. واڪا گرائونڊ پرٿ ۾ ٿيندڙ هن مقابلي ۾ اننگ جي شروعات امام الحق ۽ عابد علي ڪئي. پريڪٽس ميچ ۾ بطور اوپنر کيڏندڙ شان مسعود هن ڀيري ٽئين نمبر تي بيٽنگ لاءِ آيو عابد علي پنهنجو کاتو به نه کولي سگهيو حارث سهيل جي ناڪامين جو سلسلو پڻ جاري آهي جيڪو صرف ٻه رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان لاءِ صرف سٺي خبر اها آهي ته وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جو مڪمل طور فٽ ٿيڻ آهي. انڱوٺي ۾ ڌڪ لڳڻ کان پوءِ آرام ڪندڙ ڪرڪيٽر جي فٽنيس جو آسٽريليا خلاف ميچ کان اڳ جائزو وٺڻ کان پوءِ ان کي ميدان تي لاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  

پهنجو تبصرو موڪليو