ٽيريان ڪيس،جواب جمع، نااهلي ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي مبينا ڌيءَ ٽيريان کي لڪائڻ واري ڪيس ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نااهلي بابت ڪيس ۾ عمران خان پاران جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته هو اسيمبلي ميمبر طور عهدو ڇڏي چڪو آهي ۽ موجوده اسيمبلي ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به ارادو ناهي، نااهلي جي درخواست قابل سماعت نه هئڻ سبب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان درخواست تي ٻڌڻي نه ٿي ڪري سگهي،لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي ڪنهن به حلف نامي جو آئيني حدن ۾ نظرثاني نه ٿي ڪري سگهي، حلف نامي جي نظرثاني لاءِ بااختيار فورم تي شاهدن ۽ شاهدين کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل لکت ۾ عمران خان ٽيريان جو پيءُ هجڻ بابت ڪو به جواب ناهي ڏنو.تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 4 ججن ان کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻي کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو هو، عبدالوهاب بلوچ ان کان اڳ به ساڳئي معاملي تي درخواست داخل ڪئي هئي، پهرين آگسٽ 2018ع تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو، هڪ ڀيرو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اڳئين ڪيس کان ڌار ٿيڻ وارا جج ٻيهر ٻڌڻي نٿا ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو