ٽوئنٽي ميچ ۾ شاهه لطيف جي سني ڪرڪيٽ ڪلب کي شڪست

نوشھروفيروز(مشتاق مري) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشھروفيروز تي سني ڪرڪيٽ ڪلب ۽ شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ زبردست مقابلو ٿيو، جنھن ۾ سني ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورن ۾ 172 رنسون اسڪور ڪيون. سني ڪلب جي بيٽسمينن فھد ٻوھيو 49، ڪاشف لغاري 38 رنسون اسڪور ڪيو. شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن علي جان، مجيد خانزادي، بابر شاھ ۽ ڪاشف رند ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. جوابي بيٽنگ ۾ شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب 14 اوورن ۾ هدف مڪمل ڪندي مئچ کٽي ورتي، شاھ لطيف جي مجيد خانزادھ 86، شاھد آرائين 44 رنسون  ٺاهي نمايان رهيا. جڏھن ته سني ڪرڪيٽ ڪلب جي بالر معظم لغاري ھڪ وڪيٽ وٺي سگھيو. بھترين راند جو مظاھرو ڪرڻ تي شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب جي مجيد خانزاده کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو