ٽن ڏينهن کان بجلي بند، شهرين جو سيپڪو خلاف احتجاج

ٽن ڏينهن کان بجلي بند، شهرين جو سيپڪو خلاف احتجاج

روھڙي (ن سنڌيار)ٽن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ خلاف تاجر برادري پاران هٿن ۾ بجلي جا بل کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي خليل احمد آخوند، واجد ڀٽو، هزاري مل، ڪاشف شيخ، بابو ۽ ٻين روهڙي سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سيپڪو انتظاميا پاران  شهر جي شاهي بازار لالا شهزادا چوڪ جي ڪمرشل دڪانن جي ٽي ڏينهن کان بجلي ڪاٽي وئي آهي بجلي جي مسلسل ٽن ڏينهن کان نه هجڻ ڪري روزگار ٺپ ٿي ويا آهن ۽ گهرن ۾ ڦاڪاڪشي واري صورتحال آهي اسين روز ڪمايون روز کائون پوءِ به بجلي جا بل وقت ته ادا ڪيون ٿا پر تنهن هوندي به سيپڪو انتظاميا پاران ٽي ٽي ڏينهن بجلي بند ڪري سزا ڏني ٿي وڃي تاجرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙيون شڪايتون باربار ڪرڻ باوجود به انتظاميا پاران بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي هنن سکر سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو آهي شهر جي بجلي جلد بحال ڪري تاجر برادري جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي پاسي ايس ڊي او روهڙي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 11 ھزار ڪي وي ۾ فالٽ ھجڻ ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ سيپڪو پاران بجلي چورن خلاف آئي ڏينهن ڪارروائين باوجود بجلي چوري کان باز نٿا اچن جنهن ڪري اھڙن علائقن ۾ بجلي چوري سبب اتان جي ٽرانسفارمرن تي بجلي جو اضافي بوج پوڻ سبب ٽرانسفارمر سڙڻ معمول بڻيل آهن ٻئي طرف بجلي چور بجلي صارفین جي آڙ وٺي احتجاجي مظاهرا ڪري سيپڪو آفيسرن کي بليڪ ميل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به بجلي چورن خلاف آپريشن هر صورت جاري رکبو                                                                                                                                         .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو