ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند) ٽائون ڪميٽي ٽنڊي غلام حيدر جي2009 جي لوڪل ڊيلي ويجز جي ملازمن کي مسلسل 3 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال جاري آهي ٽائون آفيس جي مين گيٽ اڳيان اڄ 37 ڏينهن گذرڻ بعد به احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ تي ملازمن طاهر نظاماڻي؛ شاهنواز ڀٽي؛ معظم نوتڪاڻي؛ بشير ورياھ؛ حاجي خان پنهور ۽ ٻين مقامي ٽائون ڪميٽي جي ڊيلويجز لوڪل ملازمن سخت احتجاج ۽ نعريبازي ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسلسل 3 مهينن کان اسان مسڪين ملازمن جون پگهارون بند پيل آھن جنهن جي ڪري اسان جا معصوم ٻچڙا ۽ نياڻون فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن اسان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھيون پر ڪنهن کي به اسان مٿان ڪو رحم نٿو اچي ٻي طرف اسان جي اڄ تائين ڪنهن به تڪ جي چونڊيل نمائندي ايم پي اي يا ايم اين اي سار ناهي لڌي ٽائون آفيسر آفيس تي اچڻ لاء ئي تيار ناهي هنن وزيراعظم پاڪستان سميت چيف جسٽس آف پاڪستان؛ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه؛ بلاول ڀٽو؛ کي پرزور اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان مقامي ملازمن سان انصاف ڪري اسان جون ٽن مهينن کان بند پيل پگهارون جاري ڪري ڏنيون وڃن ۽ اسان کي ريگيولر ڪيو وڃي.










