ٽنڊو محمد خان ۾ لمپي بيماري پکڙجي وئي،ضلعي انتظاميه خاموش

ٽنڊو محمد خان ۾ لمپي بيماري پکڙجي وئي،ضلعي انتظاميه خاموش

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ مظفر علي بروهي)سنڌ ۾ مختلف نسلن جي ڊڳين ۾ پکيڙجندڙ چمڙي جي بيماري لمپي وائرس وبائي شڪل اختيار ڪري وئي آھي مال پڙین ۾ بغير حفاظتي ٽڪن جي ڍڳين جي داخلا تي بندش ۔ سنڌ حڪومت جي حڪمن تي مختلف ڍڳين جي فارمن تي بچاء جي ٽڪن جو عمل شروع۔ خبر موجب مختلف نسلن جي ڍگين ۾ ٿيندڙ لمپي وائرس جي بچاء لاء حفاظتی ٽڪن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي چوپائي مال جی کاتي طرفان ٽنڊومحمدخان جي مختلف ڳوٺن ۾ قائم ڍڳين جي فارمن ۾ موجود 76706 رجسٽرڊ مختلف نسلن جي ڍڳين لاء حفاظتي ٽڪن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي لائيواسٽاڪ سنڌ جي ڊائريڪٽر حزب الله ڀٽو ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالقدوس ميمڻ پاران ٽنڊومحمدخان ۾ قائم ڊاڪٽر لطف علی ٽالپر ۽ احمد علي عالماڻي جی ڍگین جي فارمن جو دورو ڪيو انهي موقعي تي صحافین سان ڳالهائيندي چيو ته مختلف نسلن جي ڍڳين کي وائرس کان بچاء لاء سنڌ اندر دوست ملڪ تورڪي کان 19 لک حفاظتي ٽڪن جا ڊوز ملي چڪا آهن وڌيڪ 19 لک جو آرڊر ڪيو ويو آهي جيڪو تمام جلد سنڌ ۾ اچي ويندو هن وڌيڪ چيو ته مانيٽرينگ لاء آئون سنڌ جي مختلف ضلعن جا دوري ڪري رهيو آهيان انهي موقعي تي ٽنڊومحمدخان جي اسسٽنٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر غلام نقي جوکيو چيو ته هڪ ڏينهن ۾ 3131 مختلف نسلن جي ڍڳين کي وائرس کان بچاء جا حفاظتي ٽڪا لڳايا ويا آهن2 مھینن ۾ ٽارگیٹ مڪمل کیو ویندو ۔ جڏهن تہ ڍڳي فارم جي مالڪ محمد علي عالماڻي چيو ته لمپي وائرس جي خاتمي لاء سرڪاري سطح تي ڪوششيون ڪيون پيون وڃن جنهن سان هن وائرس جو خاتمواچي ويندو سنڌ سرڪار جو هي عمل ساراه جوڳو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو