ٽنڊوالهيار ۾ مرغي فارم ۾ باهه، هزاين مرغيون سڙي رک

ٽنڊوالهيار ۾ مرغي فارم ۾ باهه، هزاين مرغيون سڙي رک

ٽنڊوالهيار: (ن س) ٽنڊوالھيار ڀرسان مرغي فارم ۾ اوچتو باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ھزارين مرغيون سڙي مري ويون. ٽنڊوالھيار ڀرسان ڪوارٽر اسٽاپ تي ايوب شيخ جي ڪنٽرول شيڊ پولٽري فارم کي باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ھزارين مرغيون سڙي رک ٿي ويون باھ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.باھ جا شعلا پري پري تائين نظر اچڻ لڳا پولٽري فارم کي لڳل باھ کي وسائڻ لاء فائربرگيڊ جي گاڏي پھچي وئي باھ جي شدت وڌيڪ هجڻ ڪري ھڪ فائر برگيڊ گاڏي سان باھ تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ڀرپاسي جا شھري پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ لڳا. پولٽري فارم تي لڳندڙ باھ جو سبب معلوم نه ٿي سگھيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو